16 جمعہ , نومبر 2018

افغانستان جي صوبي غزني ۾ طالبان حملن ۾ آفيسر سميت 14 پوليس اهلڪار مارجي ويا

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي غزني جي مختلف علائقن ۾ طالبان جي حملن ۾ پوليس آفيسرن سميت 14 اهلڪار مارجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب طالبان جي طرفان صوبي غزني جي ضلعن جگاتو، آجرستان، قرراباغ ۽ ڊي ياڪ ۾ پوليس جي چيڪ پوسٽن ۽ هيڊڪوارٽر کي نشانو بڻايو ويو . طالبان جي حملن جي نتيجي ۾ ڊسٽرڪٽ پوليس چيف ۽ ريزرو يونٽ جي ڪمانڊر سميت 14 آفيسر مارجي ويا. صوبائي ڪونسل ميمبر حسن رضا يوسفي موجب پوليس جي 7 آفيسرن ضلعي ڊي ياڪ ۾ مارجي ويا، جن ۾ پوليس چيف فيض الله طوفان ۽ ريزرو يونٽ جو ڪمانڊر حاجي برڪت شامل آهن. صوبائي ترجمان عارف نوري موجب طالبان جي حملن ۾ ضلعي جگاتو ۽ ڊي ياڪ ۾ 12 پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا. ٻئي پاسي طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد حملن جي ذميواري قبول ڪندي دعويٰ ڪئي ته ضلعي ڊي ياڪ ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر تي حملي دوران ڪيترائي اهلڪار يرغمال بڻايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري سريلنڪن وزيراعظم راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پارليامنٽ تڪراري وزيراعظم مهندا راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے