17 ہفتہ , نومبر 2018

شهزادي هيري ۽ اداڪارا ميگهن جي شاديءَ پنهنجي محبت جي ياد ڏياري ڇڏي: عروه حسين

The heroic and heroic episode of the Princess Heroes left her memory: urwaHussainڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا عروه حسين چيو آهي ته برطانوي شهزادي هيري ۽ ادڪارا ميگهن مارڪل جي شاهي شاديءَ کيس پنهنجي محبت واري ڪهاڻي جي ياد ڏياري ڇڏي. برطانوي شهزادي هيري ۽ اداڪارا ميگهن مارڪل جي شاهي شادي پاڪستان سميت پوري دنيا تي ڇانيل رهي ۽ شادي ۾ پاڪستاني فنڪارن عدم شرڪت باوجود سوشل ميڊيا جي ذريعي شاهي جوڙي کي مبارڪون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.جڏهن ته ادڪارا عروه حسين چيو آهي ته شهزادي هيري ۽ ميگهن مارڪل جي شادي هن کي پنهنجي محبت واري ڪهاڻي ياد ڏياري ڇڏي. عروه حسين فيسبڪ اڪائونٽ تي پنهنجي ۽ فرحان جي شادي واري تصويرون سان گڏوگڏ هيري ميگهن مارڪل جي شادي واري تصويرون شيئر ڪيون ۽ لکيو ته شاهي شادي هن کي پنهنجي ۽ فرحان جي محبت واري ڪهاڻي ياد ڏياري ڇڏي، اسان جي شادي هڪ ورهيه اڳ ٿي هئي ۽ سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرنيڊنگ ۾ رهي هئي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن عروه حسين جو شهزادي هيري ۽ ميگهن مارڪل جي شاديءَ سان پنهنجي شادي جي ڀيٽ ڪرڻ پسند نه آيو ۽ هنن عروه حسين ۽ فرحان پاڻ کي شاهي جوڙو چوڻ تي مذاق جو نشانو بڻائيندي چيو ته هي زوري شهرت حاصل ڪرڻ جو طريقو آهي. جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن فرحان ۽ عروه جي حمايت ۾ اڳيان ايندي چيو ته هر شخص پنهنجو پاڻ ۾ شاهي خاصيتون رکندو آهي ۽ محبت اهڙي شئي آهي جنهن ۾ ڪو به فرق ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے