19 پیر , نومبر 2018

شوئتا بچن والد اميتاڀ سان گڏ اسڪرين تي ڊبيو ڪرڻ لاءِ تيار

Shivita Bachchan's father ready to dive Amitab on the screenممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن جي ڌي سوئتا بچن نندا پهريون ڀيرو ٽي وي  اسڪرين تي پنهنجي والد سان گڏ نظر ايندي. اميتاڀ بچن جي گهرواريءَ جيا بچن، پُٽ اڀيشيڪ بچن ۽ ننهه ايشوريا راءِ بچن سڀئي بالي ووڊ انڊسٽري جا تمام وڏا نالا آهن، پر سندس نياڻي هن وقت تائين ڪنهن فلم يا اشتهار جي ذريعي ٽي وي اسڪرين تي جوهر ناهن ڏيکاريا.سوشل ميڊيا تي اميتاڀ بچن ۽ شوئتا بچن جون ڪجهه تصويرون وائرل ٿي رهيو آهن جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻئي ڄڻا هڪ خاص انداز ۾ نظر اچي رهيا آهن. اميتاڀ بچن هڪ بزرگ والد جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس نياڻي خيال ڪندڙ ڌيءُ طور نظر اچي رهي آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب شوئتا بچن پهريون ڀيرو ٽي وي اشتهار ۾ اسڪرين تي نظر ايندي جنهن ۾ ساڻس گڏ اميتاڀ بچن هوندو. اهو اشتهار ”ڪي لين جيولري“ جو هوندو جنهن جو برانڊ ايمبيسڊر اميتاڀ بچن آهي. اشتهار پيءُ ۽ ڌيءُ جي محبت واري رشتي جي هر پاسي جي عڪاسي ڪندو، ۽ اهو ئي سبب آهي ته بگ بي پنهنجي ڌيءُ سان گڏ پهريون ڀيرو ٽي وي اسڪرين تي نظر ايندو. هن سال جي شروعات ۾ اميتاڀ بچن چيو هو ته سندس نياڻي جو لکيل پهريون ناول”پيراڊائز ٽاور“ شائع ٿيو آهي، جنهن تي هن چيو ته پنهنجي نياڻي تي فخر آهي ۽ هو سڀ کان بهترين آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جان ابراهم رنوير ۽ دپيڪا جي شادي تي ڳالهائڻ کي فضول سمجهي ٿو…!

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار جان ابراهيم بالي ووڊ جي جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگھه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے