15 جمعرات , نومبر 2018

پيپلز پارٽي جو فنڪارن کي سياسي ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ فنڪارن کي به سياسي ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. گل رعنا، قيصر نظاماڻي، ايوب کوسو ۽ ساجد حسن 2018ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جا اميدوار هوندا. تفصيل موجب ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي کي روڪڻ ۽ ٽف ٽائيم ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي فنڪارن جو سهارو ورتو آهي. هاڻ فنڪار اليڪشن مهم دوران سياسي ميدان ۾ اداڪاري ڪندا جنهن جي لاءِ پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ فنڪارن کي سياسي ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب عام چونڊن ۾ قيصر نظاماڻي ۽ ساجد حسين ڊفينس ۽ ڪلفٽن مان اليڪشن وڙهندا جڏهن ته ايوب کوسي کي گلشن اقبال مان اليڪشن ويڙهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شوبز فنڪارا گل رعنا عورتن جي مخصوص سيٽ تي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے