13 منگل , نومبر 2018

اليڪشن 2018ع تي 20 ارب کان وڌيڪ خرچ ايندو، شروعاتي ڪاٿو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن 2018ع تي 20 ارب رپين کان وڌيڪ جي خرچ جو ڪاٿو لڳائي ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب عام چونڊن ۾ 20 ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت اچڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ بيلٽ پيپر، سيڪيورٽي، چونڊ عملي جو معاوضو، پولنگ ميٽريل، ٽرانسپورٽيشن ۽ ٻيا خرچ شامل آهن. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن چيو آهي ته بيلٽ پيپرن جي ڪاغذ ۽ ڇپائي تي اڍائي ارب کان وڌيڪ خرچ جو ڪاٿو آهي جڏهن ته بيلٽ پيپر جي ڇپائي تي به هڪ ارب کان وڌيڪ خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي موجب عام چونڊن ۾ سيڪيورٽي جي لاءِ هڪ ارب ۽ پولنگ ميٽريل تي هڪ ارب کان وڌيڪ خرچ اچڻ جو امڪان آهي.  اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته چونڊ عملي کي معاوضي جي مد ۾ 6 کان 7 ارب جي خرچ جو ڪاٿو آهي جڏهن ته ٽرانسپورٽيشن جي مد ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت چونڊ خرچ جا بروقت فنڊ ڏئي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے