15 ہفتہ , دسمبر 2018

نيوز: ٺٽو: اي ڊي سي ون جي صدارت هيٺ گرمي جي لهر کان بچڻ بابت اجلاس ڪوٺايو ويو

Thatta: The meeting was summarized on the avoidance of heat cooling under the ECDCٺٽي ۾ انتظاميا پاران سخت گرمي جي لهر کان بچڻ لاءِ انتظامين جي جائزي لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي.

ايڊيشنل ڊي سي ون عمران الحسين جي صدارت ۾ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ صحت کاتي، پي پي ايڇ آءِ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي ۾ اي ڊي سي ون عمران الحسن چيو ته موسميات کاتي موجب سامونڊي هوائون بيهڻ سبب ضلعي ٺٽي ۾ گرمي پد 44 کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگھي ٿو، اهڙي طرح سخت گرمي جي لهر جو امڪان آهي.

صحت کاتي ۽ پي پي ايڇ آءِ جي عملدارن کي اي ڊي سي ون هدايت ڪئي ته هو ضلعي جي سمورين اسپتالن ۽ صحت مرڪزن ۾ گرمي جي لهر کي نظر ۾ رکندي سمورا گھربل انتظام مڪمل ڪن.

هن چيو ته هيٽ اسٽروڪ سينٽر جوڙڻ ۽ زندگي بچائڻ وارين دوائن جي وڏي انگ سميت ڊاڪٽرن ۽ عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ضلع جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان هيٽ ويوِز ايمرجنسي گڏجاڻين بابت رابطي ۾ رهڻ جي هدايت پڻ ڪئي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: استادن جي حقن لاءِ نڪتل پ ٽ الف جو مارچ ڌاٻيجي پهچڻ تي شاندار آجيان

پ ٽ الف پاران استادن جي حقن لاءِ ڳڙهي خدابخش مان نڪتل لانگ مارچ ڌاٻيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے