10 پیر , دسمبر 2018

نيوز: ھالاڻي: آبادگارن پاران پاڻي چوري ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

Halani: protesters protest protest against water-catchersھالاڻي ۾ آبادگارن پاران پاڻي چوڙي ڪندڙ بااثرن ۽ آبپاشي عملي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

علي اصغر ، باغو خان ۽ علي حيدر چانگ جي اڳواڻي ۾ آبادگارن چڀڙ ٻانڀڻ تي شاخ تي غير قانوني نوليون ۽ جھٽا ھڻڻ تي بااثرن ۽ آبپاشي عملي خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن چيو ته چڀڙ شاخ جي منڍ ۾ بااثر زميندارن ۽ آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان غير قانوني نوليون هنيون ويون آهن، جنهن سبب پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري زمينون بنجر ٿي رهيون آهن.

هنن چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا آپباشي کاتي جي عملدارن کي شڪايت ڪئي آهي، پر ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، زراعت جي تباهي جا ذميوار اهي عملدار آهن.

سندن چوڻ هو ته هنن پنهنجي مدد پاڻ تحت 6 واهن تان 17 غير قانوني نوليون پٽيون آهن، آبپاشي عملي ڪا به سهڪار نه ڪئي آهي.

آبادگارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثرن ۽ ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري پڇڙي تائين پاڻي پهچائين…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ٺٽو: سٽي جي واپاري ايسوسيئشن ۾ سخت اختلاف، ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي

ٺٽي سٽي جي واپاري ايسوسيئشن ۾ سخت اختلاف ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، هڪ ڌڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے