19 جمعہ , اکتوبر 2018

ترڪي: ناڪام فوجي بغاوت ۾ ملوث 104 فوجي آفيسرن کي عمر قيد جي سزا

انقره(ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ طاقت ذريعي حڪومتي تخت اونڌو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ 104 فوجي آفيسرن کي عدالت عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان جي قتل ۾ سهڪار ڪندڙ 21 ڄڻن کي 20 سالن جي لاءِ  جيل ڀيڙو ڪيو ويو. تفصيل موجب ٻه سال اڳ ترڪي ۾ فوجي بغاوت جي ذريعي سول حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي جنهن بعد سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هنگاما شروع ٿي ويا هئا جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ مارجي ويا هئا ۽ 2 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. ترڪي جي عدالت ٽرائل مڪمل ڪيو ۽ بغاوت جي ذريعي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ ملوث 104 فوجي آفيسرن تي ڏوهه ثابت ٿيڻ کان پوءِ کين عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي جڏهن ته ترڪ صدر جي قتل ۾ سهڪار ڪندڙ 21 ڄڻن کي 20 سال لاءِ جيل موڪليو ويو. عدالت ملڪي سطح تي دهشتگرد قرار ڏني ويندڙ تنظيم سان رابطن تي 31 ڄڻن کي دهشتگردي جي قانون جي تحت 7 کان 11 سال قيد جي سزا به ٻڌائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے