14 جمعہ , دسمبر 2018

نيوز: ٺٽو: پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪرڻ سبب سمنڊ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي

Thatta: Due to water intensity, the sea land is meltingٺٽي ۾ پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه اچڻ سب سمنڊي تيزي سان زمينون پائڻ لڳو.

ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه اچڻ سبب سمنڊ تيزي سان ٺٽي ۽ سجاول جي لکين ايڪڙ زرعي زمين کي پائڻ لڳو آهي، صورتحال خطرناڪ ٿيڻ بعد به اختيارين نوٽيس نه ورتو.

سنڌو درياءٌ جي ڇوڙ تائين مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب ٺٽي جي سامونڊي پٽي وارن تعلقن گھوڙاٻاري، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ ميرپور ساڪرو مڪمل طور سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويا آهن ۽ هزارين ايڪڙ آباد زمينون تباهي جي ور چڙهي ويون آهن.

هوڏانهن پاڻي جي سخت کوٽ سبب ضلعي ٺٽي جي سمورن واهن ۽ شاخن مان پڻ واري اڏامڻ لڳي آهي، جڏهن ته خريف جي مند ۾ سارين جي پوکائي اڃان تائين نه ٿي سگھي آهي.

ٺٽي ۾ ستن مهينن کان پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ سبب ماڻهو پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا، ڪوهستان کان سامونڊي پٽي تائين بربريت وارو منظر لڳو پيو آهي……………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج

ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج ڪيو غلام الله چانگ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے