12 بدھ , دسمبر 2018

نيوز: شڪارپور: نوجوان پراسرار نموني فوت، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو

Shikarpur: The suspicious of the murder of the heritage, the young mysterious pattern was deceivedشڪارپور ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل پورهيت نوجوان جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.

ٽرڪ اڏي ويجھو سنجراڻي پاڙي ۾ پورھيت غلام عباس ٻرڙو پر اسرا نموني فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جي وارثن حافظ ممتاز ،غوث بخش  ۽ ٻين قتل جو  شڪ ظاھر ڪيو آهي.

هنن چيو ته سندن نوجوان غلام عباس کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آھي

سندن چوڻ هو ته  ھو ميرپور ٻرڙو جا رھواسي آھن ۽ فوتي غلام عباس  محمد نواز ڀيو جي گھر ۾ تغاري کڻي پورھيو ڪرڻ لاءِ شڪارپور آيل ھو،  جتي کيس گھٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آھي.

هوڏانهن نيو فوجداري ٿاڻي جي پوليس موجب پورهيت نوجوان 11 ھزار والٽ جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو آھي.

پوليس جو چوڻ هو ته فوتي نوجوان جي وارثن لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان سواءِ  زبردستي مير پور ٻرڙو کڻائي ويا آھن…………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺاڻن پاران راشن بيگ جي فهرست ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج

چيلهار ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران سنڌ حڪومت ٿر ۾ ڳورهارين عورتن لاءِ راشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے