20 بدھ , فروری 2019

نيوز: نواب ولي محمد: صحت کاتي جي ڪارروائي، 4 عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون سيل

Nawab Wali Mohammad: Healthcare Act, 4th Diagnostic Hospitals Cellsنواب ولي محمد ۾ صحت کاتي جي تعلقي انتظاميا عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري 4 اسٽور سيل ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي تعلقه صحت آفيسر ڊاڪٽر طاهره اسد ۽ ڊرگ انسپيڪٽر آصف رڪشاڻي ڪارروائي ڪري غيرقانوني طور هلندڙ چار ميڊيڪل اسٽور سيل ڪري وارننگ ليٽر جاري ڪري ڇڏيا.

ڪارروائي جو ٻڌندي ئي ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر اسپتالون ۽ ميڊيڪل اسٽور بند ڪري کسڪي ويا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر طاهره اسد چيو ته ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪون کولي انساني حياتين سان کيڏي رهيا آهن، جيڪو ڪنهن به حال ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته وارننگ بعد غيرقانوني ڪيلنڪون ۽ ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :پلواما حملي بعد ڀارت جون پاڪستان تي حملي جون ڌمڪيون …..!!!!!!

پلواما حملي بعد ڀارت جون پاڪستان تي حملي جون ڌمڪيون …..!!!!!!

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے