18 جمعرات , اکتوبر 2018

ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت جي بنا سبب فائرنگ، هڪ شهري شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ورڪنگ بائونڊري تي بنا سبب فائرنگ ۽ گولا باري ۾ وڌيڪ هڪ پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويو. ڀارتي سيڪيورٽي فورسز گذريل هڪ هفتي کان ورڪنگ بائونڊري تي بنا سبب فائرنگ ۽ گولا باري جو سلسلو جاري رکيو آهي، ورڪنگ بائونڊري ڀرسان سيالڪوٽ ۽ شڪر ڳڙهه جي مختلف علاقن ۾ ڀارتي جارحيت جو سلسلو ختم نه ٿي سگهيو. ڀارتي سيڪيورٽي فورسز گذريل رات سيالڪوٽ جي چئن سيڪٽرن تي بنا سبب فائرنگ ڪئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ سرحدي ڳوٺ ۾ هڪ شهري شهيد ٿي ويو جنهن جي سڃاڻپ اسلم جي نالي سان ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ مڪمل امن تائين آمريڪي فوج جي واپسي نه ٿا چاهيون: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے