18 جمعرات , اکتوبر 2018

اسان کان غلطي ٿي، نيب جو ڪارو قانون ختم ڪرڻ گهرجي ها: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نگران وزير اعظم جي نالو تي اڃان اتفاق راءِ ناهي ٿي، اليڪشن 2018ع جي شروعات لاءِ آخري تاريخ 28 جولاءِ آهي خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته چونڊن ۾ مختلف تشبيهون ڏنيون وينديون آهن، اشارن جي سياست اسان پوئتي ڇڏي ڏني آهي. هن چيو ته نواز شريف جي ڳالهه کي ڀارت پنهنجي مقصد جي لاءِ ٽوريو مروڙيو نواز شريف اها ڳالهه نه ڪئي ته هتان کان ماڻهو ممبئي موڪليا ويا، نواز شريف فرنٽ فٽ تي کيڏڻ وارو آهي، نواز شريف جي نظريي کي غلط انداز ۾ رپورٽ ڪيو ويو. وزير اعظم  چيو ته مريم نواز پارٽي ميٽنگ ۾ ڪڏهن به ناهي ورتو، مريم نواز پارٽي ۾ ڪنهن هدايت ناهي ڏني مريم نواز پارٽي معاملن ۾ مداخلت ڪندي ئي ناهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف جو نالو ڪنهن به شاهد ناهي ورتو، نيب رڳو مسلم ليگ کي ٽوڙن جي لاءِ بڻائي وئي آهي، اسان کان غلطي ٿي وئي، نيب جي ڪاري قانون کي ختم ڪرڻ گهرجي ها. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف ڪڏهن به ڊيل نه ڪندو، هڪ ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم تي سڌا سنوان الزام لڳايا ويا ۽ سڄي خرابي الزام لڳائڻ کان شروع ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جو آسٽريليا کي ٽيسٽ سيريز کٽڻ لاءِ 538 رنسن جو جبل جيڏو ٽارگيٽ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ آسٽريليا کي 538 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے