13 منگل , نومبر 2018

نواز شريف عدليه ۽ فوج جي غير جانبدار ٿيڻ تي خفا آهي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جسٽس (ر) قيوم جهڙا جج چاهي ٿو، هو عدليه ۽ فوج جي غيرجانبدار ٿيڻ تي خفا آهي. پي ٽي آءِ جي چيئرمين ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته نواز شريف چاهي ٿو ته عدليه ۽ فوج هن جو ساٿ ڏئي، نواز شريف وٽ ڪو به ثبوت ناهي، نه ئي مني ٽريل، آرمي چيف جي ان بيان ۾ ته هو جمهوريت سان گڏ آهي، شفاف اليڪشن ڪرائيندو، آخر غلط ڇا آهي، سمورين پارٽين چيو ته 2013ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي. هن چيلينج ڪيو ته ڌرڻي بابت ڪا به ٽيپ آهي ته ن ليگ سامهون آڻي، ڌرڻي ۾ جنرل (ر) ظهير السلام جو ڪو به ڪردار نه هو، نواز شريف کي سڀ ڪجهه بعد ۾ ياد ايندو آهي. هن چيو ته مون رڳو چار تڪن جي نتيجن کي چيلينج ڪيو، ڌانڌلي ناهي ٿي ته چار تڪ کولن ها، شريف خاندان نيب کي ادارو نه بڻجڻ ڏنو. هن چيو ته ڀٽو جنهن دور ۾ اليڪشن وڙهيو، اُهو ٻيو دور هو، آهستي آهستي اليڪشن ۾ پيسو هلڻ شروع ٿي ويو، نواز شريف اليڪشن کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو، اسان جي حڪومت آئي ته سمورا ادارا شفاف ڪم ڪندا. عمران خان جو چوڻ هو ته عوام ۾ مقبوليت جي ڪري ماڻهو پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، ڪجهه اليڪٽيبلز کي پارٽي جا ماڻهو پسند ڪندا آهن، ڪجهه نه، اليڪٽيبلز رڳو اليڪشن وڙهڻ جي سائنس ڄاڻندا آهن، هو ملڪ کي نه ته مٿي وٺي ويندا نه هيٺ.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے