17 بدھ , اکتوبر 2018

پي ٽي آءِ جي 100 ڏينهن واري ايجنڊ  پاڪستان جي جمهوريت جي بنياد آهي: اسد عمر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي 100 ڏينهن واري ايجنڊا پاڪستان جي جمهوريت جي بنياد آهي، پنهنجي ايجنڊا لاڳو ڪنداسين ۽ ان تي عمل به ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي وزيرن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي ڪيو. اسد عمر چيو ته حڪومتي وزيرن جي فوج اڄ ويهي پريس ڪانفرنس ڪئي، وزيرن کي پختونخواه حڪومت جي ڪارڪردگي تي اعتراض هو، اعتراض جو جلد اهڙو جواب ڏينداسين جنهن سان انهن جي تشفي ٿي وڃي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته ڪي پي ڪي جو عوام حڪومت جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي، ڪي پي ۾ ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ وارن کي ٻيهر نه چونڊيو ويندو، پختونخواهه ۾ ايندڙ حڪومت به تحريڪ انصاف جي ئي هوندي، تحريڪ انصاف پهرين کان وڌيڪ سيٽن سان ڪامياب ٿيندي. اسد عمر جو چوڻ هو ته حڪومتي وزيرن جو اعتراض اسان جي 100 ڏينهن واري منصوبي تي هو، ن ليگي وزيرن جو اعتراض انتهائي معنيٰ وارو هو، چون ٿا ته اسان جو ويزن ڇاپو آهي ٻئي پاسي چون ٿا ته اها عملي ايجنڊا ناهي، وزير ڳالهائڻ کان پهرين فيصلو ڪن ته انهن جو حقيق اعتراض آهي ڇا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Srinagar: More than three Kashmiri martyrs of the Indian Army

سرينگر: قابض ڀارتي فوج جي هٿان وڌيڪ 3 ڪشميري شهيد

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے