15 جمعرات , نومبر 2018

هيري ڪين انگلش فٽبال ٽيم جو ڪپتان مقرر

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ايندڙ مهيني شيڊيول فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اسٽرائيڪر هيري ڪين کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. انگلش ٽيم جي مئنيجر گريٿ سائوٿ گيٽ اسڪواڊ جا نالا ٻڌائڻ سان گڏوگڏ نئين ڪپتان جو اعلان ڪندي چيو ته هيري ڪين بهترين فٽبالر هجڻ سان گڏوگڏ ڪيترين ئي صلاحيتن جو مالڪ آهي، ان ۾ هڪ اڳواڻ جون سموريون خوبيون موجود آهن، اميد ته هو ٽيم کي فرنٽ ليڊ ڪندي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ان حوالي سان هيري ڪين جو چوڻ هو ته ٽيم جو ڪپتان مقرر ٿيڻ مون لاءِ اعزاز آهي، مان ڏاڍو خوش ۽ پرجوش آهيان، ٽيم مئنيجمينٽ ۽ فٽبال اختيارين مون تي اعتماد ڪيو، جن تي سندن ٿورائتو آهيان ۽ اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وسيم اڪرم ڪراچي ڪنگ جو صدر بڻجي ويو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر وسيم اڪرم پي ايس ايل فرنچائز ملتان سلطان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے