15 جمعرات , نومبر 2018

سنڌ طاس معاهدو:ڀارتي ڀڃڪڙي تي پاڪستان جو عالمي بينڪ سان خدشن جو اظهار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي اٽارني جنرل اشتر اوصاف جي اڳواڻي ۾ 4 رڪني وفد عالمي بينڪ جي صدر ۽ ٻين اختيارين سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو. پاڪستاني وفد معاهدي جي ضامن جي حيثيت سان عالمي بينڪ کي ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سنڌ طاس معاهدي جي دائري ۾ رهندي مسئلي کي پُرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . عالمي بينڪ جي سربراهه ۽ اختيارين سان 3 ڏينهن جي ڳالهين واري سلسلي دوران ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي، ڪشن گنگا، رتلي ۽ ٻين 12 منصوبن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. عالمي بينڪ جي ترجمان موجب سنڌ طاس معاهدو هڪ انتهائي اهم عالمي معاهدو آهي، جيڪو پاڻي جي مينجمنٽ بابت موجودا ۽ مستقبل جي چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت کي مددگار فائديمند فريم ورڪ فراهم ڪندو آهي، ته جيئن ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ  انساني ضرورتن جو پورائو ڪري سگهجي. ياد رهي ته ويجهڙائي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪشن گنگا پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو هو، جنهن تي پاڪستان اعتراض واريا هئا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد: ريڊ زون ۾ بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي اچڻ تي پابندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے