18 اتوار , نومبر 2018

افطاري کان پوءِ  فوري طور سگريٽ نوشي سان دل جو دورو پوڻ جو خطرو: ماهرن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ ۾ افطاري کان پوءِ سگريٽ نوشي دل جي بيماريون کان سواءِ جسماني جهٽڪن ۽ هٿ پيرن ۾ خارش  جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ ان سان فوري موت به واقع ٿيڻ جي امڪان ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. ڪراچي انسٽي ٽيوب آف هارٽ ڊيزيز ۾ رمضان جي حوالي سان ٿيڻ واري هڪ پروگرام ۾ خطاب ڪندي ” داڪٽر انعام دانش“ ترڪي ۾ ٿينڊر جاچ جي حوالي سان ٻڌايو ته افطار ان فوري طور تي سگريٽ نوشي جا اثر نهايت خطرناڪ هوندا آهن. بلڊ پريشر جو فوري وڌڻ جو سبب دل جو دورو پڻ جو ب خطرو وڌندو آهي. جيڪو فوري موت جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جڏهن ته افطار وقت جسم کي پاڻي، گلوڪوز ۽ آڪسيجن جي سخت ضرورت هوندي آهي جيڪا يقينن سگريٽ سان پوري ناهي ٿي سگهندي. پر سگريٽ نوشي نقصان ڏيندڙ ضرور ثابت ٿي سگهي ٿي. ڇو ته تمباڪو نوشي سان شريانيون سڪڙ جي وينديو آهن ۽ رت ۾ آڪسيجن به مناسب مقدار ۾ جذب ناهي ٿي سگهندي جنهن جي سبب رت ڳاڙهي ٿي ويندي آهي ۽ ان ۾” ڪلوٽنگ“ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح رمضان ۾ تريل شين جي استعمال سبب شريانيون ۾ چڪنائي جو جمع ٿيڻ جو خدشو رهندو آهي ۽ پڪوڙن، سموسن کان فوري پوءِ سگريٽ نوشي سان رت ۾ ڪلوٽنگ جو عمل تيز ٿي ويندو آهي جنهن سان رت جي شريانون جي ديوارون کي سخت نقصان پهچندو آهي ۽ رڳون ڦاٽي سگهن ٿيون. ۽ هي عمل فالج جو به سبب بڻجي سگهي ٿو. ان لاءِ اهڙي موذي اثرن کان بچڻ لاءِ سگريٽ نوشي کا ن پري رهڻ گهرجي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے