13 منگل , نومبر 2018

نعيم الحق جو رويو ”پري پلانڊ“ هو  : دانيال عزيز

Naeem ul Haq's Revo "Far Plain" was: Daniel Danielاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير دانيال عزيز چماٽ واري واقعي تي نعيم الحق جي رويو کي ”پري پلانڊ“ قرار ڏئي ڇڏيو.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير دانيال عزيز گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق سان گڏ پيش آهي واقعي ته چيو ته نعيم الحق جو رويو پري پلانڊ هو، اهڙي ڪا به ڳالهه نه هئي جنهن تي نعيم الحق هٿ کڻي ها،  هن جي ڪوشش هئي ته مان اهڙو جواب ڏيان جنهن تي هي  ان جو تماشو بڻائي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا مڪمل طور بوکلائجي چڪا آهن، سندن 100 ڏينهن وارو حڪومتي پلان پاڪستان کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي، انهن جي ايجنڊي ۾ هڪ ڳُجهو راز آهي، جڏهن نشاندهي ڪندو آهيان ته هي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويندا آهن.  دنيال عزيز چيو ته پي ٽي آءِ اندروني ويڙهه جو شڪار آهي، هي ڪا تنظيم ناهي، هيڏانهن هوڏانهن لوٽا جمع ڪري خال پورو نٿو ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته ڪاري مس هارڻ، جوتا اڇلائڻ،احسن اقبال کي گولي ، اهو هڪ ڪلچر کي هٿي وٺرائي پئي وڃي، اها هڪ سوچ آهي جنهن جي پٺيان انهن جي ناڪامين جي بوکلاهٽ  آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي پريس ڪلب وارو معاملو: سنڌ حڪومت حملي جي مڪمل جاچ ڪرائيندي: ناصر شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه  چيو آهي تھ سنڌ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے