22 پیر , اکتوبر 2018

نواز شريف عدالت ۾ سياست ڪئي،سوال چڻي جا جواب اٽي جا ڏنا ويا :فواد چوڌري

Nawaz Sharif took politics in court, answers to questions were heard of Fateh: Fadad Chaudhry

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف عدالت ۾ سياست جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو کيس نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. ميان نواز شريف جي بيان تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي ردعمل ۾ فواد چوڌري چيو ته نواز شريف جو بيان غور سان ٻڌو، هي هڪ سياسي بيان آهي جيڪو جلسن ۾ ڏيندو آهي، سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته سندس قانوني بيان ڪٿي آهي، قانوني طور تي ٻه بنيادي سوال پڇا ويا، ايون فيلڊ جا ذريعا ڪٿان کان آيا ۽ 300 ارب رپيا ڪٿان کان آيا؟ فواد چوڌري چيو ته نواز شريف مني ٽرائل تي ڪجهه ڳالهايو ۽ نه ئي پيسن جي ذريعن تي،  هن جيڪي ڳالهيون عدالت ۾  ڪيون اهي سياسي جلسن ۾ به ڪندو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نواز شريف عدالت ۾ سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن جي نقصان کيس برداشت ڪرڻو پوندو، بهتر ته ائين ٿئي ها ته نواز شريف قانوني ڪيس قانوني طريقي سان وڙهي ها ۽ سياست ٻاهر رکي ها، هن چڻي جي سوال ۾ جو ڏنو آهي، ڳالهه ڪهڙي ٿي رهي هئي ۽ جواب ڪهڙا هئا، سندس سازشي ٿيوري عدالت کي متاثر نه ڪري سگهندي، کيس قانوني جواب ڏيڻ گهرجي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے