22 جمعرات , نومبر 2018

توهين عدالت ڪيس: طلال چوڌري جي 17 شاهدن جي لسٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش

Trouble court case: List of 17 testimony of Talal Chaudhry presented in Supreme Courtاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) توهين عدالت ڪيس ۾ طلال چوڌري 17 شاهدن فهرست سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي. مريم اورنگزيب، مصدق ملڪ، قومي اسمبلي جي ميمبر سيد عاشق ڪرماڻي، شهباز بابر ۽ نديم عباس جا نالا به فهرست ۾ شامل آهن. طلال چوڌري توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ن ليگي اڳواڻ طرفان 17 شاهدن جي فهرست سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويا جنهن ۾ مريم اورنگزيب ۽ مصدق ملڪ سميت 5 پارليامنٽ ميمبرن جا نالا پڻ شامل آهن. جسٽس گلزار احمد طلال چوڌري جي وڪيل سان مڪالمي ۾ چيو ته ڪيس کي ڊيگهه نٿا ڏئي سگهون، توهان کي گهرجي ها ته شاهدن کي گڏ وٺي اچو ها. جنهن تي طلال چوڌري جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ عدالت کي ٻڌايو ته شاهدين جي فهرست اڄ ئي فائنل ڪئي آهي، عدالت آڻڻ لاءِ سندن رضامندي به وٺڻي پوندي آهي. جنهن تي جسٽس گلزار چيو ته سمورا ڪم توهان کي پورا ڪرڻ گهرجن ها، شاهدن ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي اي جو ڪهڙو ڪم، اهڙا شاهد توهان جي اصيل جو ڪيس خراب ڪري ڇڏيندا. عدالت پيمرا جي جي ايم آپريشن محمدطاهر کي شاهد طور طلب ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، شاهد کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪيس سان لاڳاپيل ريڪارڊ به پاڻ سان گڏ آندو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت طرفان مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ق ليگ جو وفاق ۾ حصو وڌائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے