23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: عمر ڪوٽ : ڳور هاري عورت اسپتال ٻاهران ٻن ٻارڙن کي جنم ڏنو

Umerkot: Outside the Hari Harari woman hospital, she gave birth to two childrenعمر ڪوٽ ڀرسان بنيادي صحت مرڪز ڏانهن ويندڙ رستو بند هجڻ سبب عورت مرڪز ٻاهران ٻن ٻارڙن کي جنم ڏنو آهي.

ڳوٺ چانسيري کان آيل عورت راڻي ڪولهي انتظامي نااهلي سبب صحت مرڪز جو رستو بند هجن سبب صحت مرڪز ٻاهران ويم ڪيو.

عورت صحت مرڪز ڀرسان پهتي ته رستي ۾ سندس ويم ٿيو، اسپتال عملي پهچي رستي تي سندس ويم ڪرايو.

هوڏانهن ويم گھر ڏانھن ويندڙ رستو بند ھجڻ خلاف عورت جي وارثن پي پي ايڇ آءِ عمرڪوٽ جي انتظاميه خلاف سخت احتجاج ڪيو،

ٻي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي ويم گھر  جي انچارج حسنا ڀٽي چيو ته اسپتال ۾ آر ايڇ سي عمارت جو ڪم ھلندڙ آھي، جنھن جي بجري ۽ ريتي ٺيڪيدار رستي تي اڇلائي ڇڏي آھي.

هن چيو ته پي پي ايڇ آءِ عمرڪوٽ جي انتظاميا ڊي ايم او کي چوڻ باوجود رستو خالي نه ڪيو ويو،عورت رستي جي سھولت نه ھجڻ ۽ وقت لڳڻ سبب رستي ۾ ٻن ٻارن کي جنم ڏنو آھي، هنن ٻارن ۽ عورتن کي وارڊ ۾  ريفر ڪيو آھي…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ٽنڊو ڄام: غيرقانوني ڪنيڪشن خلاف واپڊا عملدارن ڪهڙي ڪئي جٺ؟ڏسو هن خبر ۾

*ٽنڊي ڄام ۾  حيسڪو عملدار  غيرقانوني ڪنيڪشن ۽ رهتن جو جواز ڄاڻائي زرعي يونيورسٽي ڪالوني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے