19 جمعہ , اکتوبر 2018

ٻه ايف آءِ آر داخل نه ٿيندا، ڪيس داخل ٿيڻ فوري بعد جوابدار کي گرفتار نٿو ڪري سگهجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته واقعي جا ٻه ايف آءِ آر داخل نٿا ڪري سگهجن ۽ ڪيس داخل ٿيڻ فوري بعد جوابدار کي گرفتار نٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ هڪ معاملي ۾ ٻه ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته هڪ واقعي تي ٻه ايف آءِ آر داخل نٿا ڪري سگهجن، پهرين ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد ٻئين ايف آءِ آر رجسٽر ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي، ڪنهن واقعي تي نئون موقف اچڻ تي نئين ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ فوري بعد نامزد جوابدار کي گرفتاري کان به پوليس کي روڪي ڇڏيو. عدالت قرار ڏنو ته نامزد جوابدار خلاف خاص ثبوت يا مواد اچن تائين ان کي گرفتار نه ڪيو وڃي. عدالت فيصلي ۾ چيو ته جاچ دوران جاچ آفيسر نئون رخ سامهون آڻڻ تي لاڳاپيل شخص جو بيان ريڪارڊ ڪري، جاچ آفسر ( آءِ او) جي ذميواري آهي ته هو واقعي جي سمورن رخن جي جاچ ڪري ۽ سچ کي سامهون آڻي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر، آصف زرداري ۽ ٻين کي نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ مبينا جعلي اڪائونٽس تي پاڻمرادو نوٽيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے