21 اتوار , اکتوبر 2018

جونيئر ليڊرن جو جديد جنگ ۾ انتهائي اهم ڪردار هوندو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جونيئر ليڊر اڪيڊمي شنڪياري جو دورو ڪيو، آرمي چيف چيو ته جونيئر ليڊرن جو جديد جنگ ۾ انتهائي اهم ڪردار هوندو آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جونيئر ليڊر اڪيڊمي جي استادن سان ملاقات ڪئي، جنرل قمر جاويد باجوه خاص طور تي فاٽا ۽ مالاڪنڊ جي نوجوان استادن کي ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا به آرمي چيف سان گڏ هيو، آءِ جي ٽريننگ ليفٽيننٽ جنرل هدايت الرحمان به موجود هو، اڪيڊمي ڪمانڊنٽ آرمي چيف کي تربيتي معاملن تي بريفنگ ڏني. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته جونيئر ليڊرن جو جديد جنگ ۾ انتهائي اهم ڪردار هوندو آهي، جديد جنگي دور ۾ جونيئر ليڊرن جي تربيت اهنتائي اهميت رکندي آهي. آءِ ايس پي آر موجب جي ايل اي جونيئر ڪميشنڊ آفيسرن ۽ نان ڪميشنڊ آفيسرن کي پيشيوراڻي تربيت ڏيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئل ٽئنڪر مالڪن جي هڙتال، پئٽرول جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي / راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آل پاڪستان آئل ٽئنڪرز اونرز ايسوسيئيشن سڄي ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے