21 بدھ , نومبر 2018

سنڌ جي گهرو وزير مزارن جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال مزارن ۽ درگاهن جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي کي خاص ۽ مضبوط بڻايو وڃي. تفصيل موجب سنڌ جي گهرو وزير  هڪ خاص اجلاس جي صدارت ڪئي. هن اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته مزارن ۽ درگاهن جي حفاظتي پلان کي انتهائي موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. سهيل انور سيال اجلاس ۾ مزارن ۽ درگاهن جي سيڪيورٽي بابت خاص هدايت ڪندي چيو ته سيڪيورٽي پلان کي درجا بندين ۾ ورهايو وڃي. گهرو وزير چيو ته مزارن جي اڱڻ ۾ شڪي سرگرمين تي خاص نظر رکي وڃي، جيئن سيڪيورٽي هر سطح تي مضبوط بڻجي سگهي. اجلاس دوران هن لاڳاپيل ذميوارن کي هدايت ڪئي ته سيڪيورٽي جي سمورن بندوبستن جي تفصيل جلد مرتب ڪري گهرو وزارت کي ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے