17 بدھ , اکتوبر 2018

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪوي. هن چيو ته نواز شريف کي 14 مهينن جي لاءِ اٽڪ جي قلعي ۾ بند ڪيو ويو هو، ان کي هائي جيڪر قرار ڏئي جهاز جي سيٽ سان ٻڌيو ويو. نواز شريف چيو ته مون نوجوانن جي مستقبل جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو هو، عوام جي خدمت ڪري رهيو هئس، پر اوچتو هڪ ڏينهن فارغ ڪيو ويو. اِهو نه ڏٺو ويو ته 4 سالن ۾ نواز شريف ڪهڙو ڪم ڪيو. هن چيو ته اِهي چون ٿا ته اسان نئون ڪي پي ڪي بڻائينداسين، ان کان پهرين اٽڪ اچي ڏسي ڇڏيو، ڪيترو فرق آهي، توهان ڪي پي ڪي جي عوام کي ڌوکو ڏنو، هنن سان ناانصافي ڪئي. هن مخالف تي تنقيد ڪندي چيو ته اُهي سمجهن ٿا ته نواز شريف کي ن ليگ جي صدارت تان هٽايو ويو ته هو ختم ٿي ويندو، نواز شريف پٽ کان پگهار نه ورتي، ان کي ڏوهه بڻاڻي سزا ڏني وئي. نواز شريف چيو ته 2013ع ۾ روزاني دهشتگردي ٿيندي هئي، جنهن ن ليگ کي ختم ڪيو، هاڻ لوڊشيڊنگ گم ٿي وئي، اٽڪ پنجاب جو بهترين ضلعو بڻجي رهيو آهي. هن جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته ن ليگ کي ووٽ ڏيڻو آهي، دل سان عهد ڪيو، اڳتي لاءِ ووٽ کي بي عزت ٿيڻ نه ڏينداسين. ووٽ جي عزت پاڻ به ڪنداسين ۽ ٻين کان به ڪرائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے