20 منگل , نومبر 2018

ڪراچي سامونڊري هوائون هلڻ شروع گرمي جي شددت گهٽتائي جو امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ سامونڊري هوائون هلڻ شروع ٿي ويون جنهن جي سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان. موسميات کاتي موجب صبح 10 بجي ڪراچي ۾ درجو حرارت 34.8 ڊگري سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو، هوا ۾ نمي جو تناسب 44 سيڪڙو آهي. جڏهن ته سامونڊري هوائون 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن. موسميات کاتي موجب جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي درجه حرارت معمول تي اچي ويندو، پر سومر کان ڪراچي جي درجه حرارت ۾ ٻيهر اضافي جو امڪان آهي. جڏهن ته اڄ ملڪ جي ڀر پاسي واري علائقن  ۾  موسم گرم۽ خشڪ رهندو . ياد رهي ته 18 مئي تي موسميات کاتي ڪراچي ۾ هيٽ ويو ايڊوائزري جاري ڪندي چيو هو ته ايندڙ 6 ڏينهن دوران سامونڊري هوائون رڪجڻ سان ڪراچي جي شهرين کي سخت گرمي سهڻي پوندي. ان کان پهريان موسميات کاتي  طرفان ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ جو پهريون هفتو سخت گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. ان لاءِ شهري هيٽ ويو کان بچڻ لاءِ احتياطي تدابير اختيار ڪندي بنا سبب گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ۽ جيڪڏهن گهر کان نڪرن ته مٿي کي ڍڪي نڪرن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے