18 اتوار , نومبر 2018

جي آءِ ٽي ميمبرن تي خدشن بابت اهو ئي موقف آهي، جيڪو نواز شريف جو هو: مريم نواز

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بيان قلمبند ڪرائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي ميمبرن تي خدشن بابت منهنجو اهو ئي موقف آهي، جيڪو نواز شريف جو هو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب پاران داخل ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. جڏهن ته ريفرنس ۾ ڄاڻايل ٽئي جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. نواز شريف ٽن ٻڌڻين دوران عدالت پاران پڇيل 128 سوالن جا جواب ڏنا ۽ اڄ مريم نواز به لکيل بيان عدالت کي پڙهي ٻڌائي رهي آهي. مريم نواز بعد ريفرنس ۾ نامزد ٽيون جوابدار ڪيپٽن (ر) صفدر به پنهنجو بيان قلمبند ڪرائيندو. مريم نواز پنهنجي بيان جي شروعات ۾ پاناماڪيس جي گڏيل جاچ ٽيم ۽ ان جي رپورٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته جي آءِ ٽي ۽ جي آءِ ٽي رپورٽ ان ڪيس ۾ غير لاڳاپيل آهن، جڏهن ته آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ آفيسرن جي جي آءِ ٽي ۾ مقرري مناسب نه هئي. مريم نواز چيو ته جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ جي سهڪار لاءِ ٺاهي وئي هئي، ان ريفرنس لاءِ نه ۽ ان جي ميمبرن تي خدشن بابت منهنجو به اهو ئي موقف آهي جيڪو نواز شريف جو هو.مريم نواز چيو ته سال 2000ع ۾ جي آءِ ٽي ميمبر عامر عزيز بطور ڊائريڪٽر بينڪنگ ڪم ڪندڙ هو، جنهن کي پرويز مشرف حڪومت ۾ ڊيپوٽيشن تي نيب ۾ مقرر ڪيو. هن چيو ته 70 سالن جي ملٽري ويڙهه جو به جي آءِ ٽي تي اثر پيو، عرفان منگي جي مقرري وارو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ اڃا تائين التوا هيٺ آهي، ان کي به جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو. بيان رڪارڊ ڪرائڻ دوران مريم نواز لکيل بيان ۾ ڪاما ۽ فل اسٽاپ به پڙهڻ لڳي ته جج محمد بشير کيس چيو ته توهان ڪاما نه پڙهو، جنهن جو جواب ڏيندي مريم نواز چيو ته منهنجي وڪيل پڙهڻ لاءِ چيو ته مون پڙهي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Justin Bieber Creates Instagram Account For New Clothing Line, Follows Only Himself

جسٽن بائيبر  ماڊل هيلي هيلڊوين سان شادي ڪري ڇڏي

اوٽاوا( شوبز نيوز ) ڪئينادا جي پاپ راڳي جسٽن بائيبر اسنٽاگرام پوسٽ ذريعي آمريڪي ماڊل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے