18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: هالا: اسلام آباد ۾ شاگردن ۽ ڪراچي ۾ نياڻين تي تشدد خلاف احتجاج

Hala: Students in Islamabad and protest against violence against nurse in Karachi*هالا ۾ اسلام آباد ۾  سنڌي شاگردن ۽ ڪراچي ۾ سنڌي نياڻين تي تشدد خلاف سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاج ڪيو ويو .

سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن  عبدالرشيد ڏيٿو، سردار اياز ميمڻ، انور ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  ڪراچي ۾ پنهنجي گم ٿيل مائٽن جي بازيابي لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ نياڻين ۽ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن تي تشدد جو هو مذمت ڪن ٿا.

 هنن ٻڌايو ته جمهوريت ۾ پر امن احتجاج ڪرڻ جو هر هڪ شهري کي حق حاصل آهي .

هنن مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ نياڻين ۽ سياسي ڪارڪنن تي توڙي اسلام آباد ۾ شاگردن تي تشدد ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: نوابشاهه: بين المذهب تنظيم پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ احتجاج

نوابشاھ مرڪزي امن ڪاميٽي براءِ بين المذهب هم آنگي پاران افغانين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے