17 بدھ , اکتوبر 2018

مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪنهن ڪڍيو، اختيار ڪنهن وٽ هو: شاهه  محمود قريشي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪنهن ڪڍيو، اختيار ڪنهن وٽ هو. قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته نواز شريف چيو ته کيس مشرف خلاف غداريءَ جو ڪيس هلائڻ جي سزا ملي، مشرف جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍيو وڃي ها ته ٻاهر نه وڃي سگهي ها. هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف کان استعيفيٰ گهري وئي ته ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي، آئين تحت سموري ملڪ جو نظام هلندو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف چوي ٿو ته اسلام آباد ڌرڻو ڪنهن جي اشاري تي هنيو ويو، ڌرڻو انصاف لاءِ هنيو ويو، اسان چئن سالن تائين چار تڪ کولڻ لاءِ چوندا رهياسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shahbaz Sharif announces National Assembly session against arrest of opposition leader

مخالف ڌر اڳواڻ جي گرفتاري تي قومي اسمبلي جو اجلاس جاري، شهباز شريف پاران خيالن جو اظهار

لاهور (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي گرفتاري تي قومي اسمبلي جو خاص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے