24 بدھ , اکتوبر 2018

ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر ڪراچيءَ کي صوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر ڪراچيءَ کي الڳ صوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي داڪٽر فاروق ستار چيو ته ڪراچيءَ کي به الڳ صوبو بڻجڻ گهرجي، ڇا ڪراچي ۽ ڏکڻ سنڌ پاڪستان جو حصو ناهي، هتي هڪ ٺهراءُ منظور ڪرايو وڃي ته ڪراچي پاڪستان جو حصو ناهي،  10 سالن دوران ڪراچي کي پاڻي جي هڪ ڦڙي نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۽ سکر جو 70 ورهين کان استحصال ڪيو ويو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪالهه به پاڪستان سان گڏ هئي ۽ اڄ به گڏ بيٺل اهي. سندس چوڻ هو ته اسان هزاره ۽ فاٽا کي الڳ صوبو بڻائڻ  جا بل سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايا. فاروق ستار جي بيان تي قومي اسيمبلي ۾ پ پ جي ميمبرن هنگامو ڪيو ۽ ڊيسڪون وڄائي احتجاج ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے