19 جمعہ , اکتوبر 2018

قومي اسيمبلي اجلاس: ايل او سي تي ڀارتي جارحيت جي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) لائن آف ڪنترول تي ڀارتي جارحيت جي خلاف ٺهراءُ قومي اسيمبلي ۾ منظور ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪنٽرول لائن تي ڀارتي جارحيت جي خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ ۾ ڀارت طرفان ڪنٽرول لائن تي فائرنگ فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ حڪومت کي چيو ويو ته متاثرن جي مالي ۽ هر طرح جي مدد ڪئي وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ايل او سي تي ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر، آصف زرداري ۽ ٻين کي نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ مبينا جعلي اڪائونٽس تي پاڻمرادو نوٽيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے