17 بدھ , اکتوبر 2018

عوام کي وڌيڪ ڌوکو نٿا ڏئي سگهن، شهباز شريف جو سياسي انجام ويجهو آهي: پرويز الاهي

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته ن ليگي قيادت پاڪستان ۽ پنجاب کي قرضن ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي. شهباز شريف جو سياسي انجام ويجهو آهي. تفصيل موجب قصور کان چوڌري عارف سنڌو ايڊووڪيٽ، وڪيلن ۽ ٻين سياسي شخصيتن مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي ۽ پارٽي ۾ باقاعده شموليت به اختيار ڪئي. ان موقعي تي پرويز الاهي جو چوڻ هو ته اسان ق ليگ ۾ ايندڙن کي ڀيلڪار چئون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته ن ليگي قيادت پاڪستان ۽ پنجاب کي قرضن ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي. شهباز شريف ريسڪيو 1122 ۽ ٻيا ادارا به بند ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر اِهي هاڻ عوام کي وڌيڪ ڌوکو نٿا ڏئي سگهن، انهن جو سياسي انجام ويجهو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Australia begin day two with eight-wickets in hands against Pakistan

ابوظهبي ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن: ڪينگروز کي شروعاتي اورن ۾ جهٽڪا

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز ) ابوظهبي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي شروعاتي اورن ۾ قومي ٽيم کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے