18 جمعرات , اکتوبر 2018

نگران وزير اعظم جي لاءِ چوٿين نالي تي ڳالهين جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران وزير اعظم جي لاءِ چوٿين نالي تي ڳالهين جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان ڳالهه جو انڪشاف وزير اعظم شاهد خاقان عباسي فاٽا سڌارن جي بل جي قومي اسيمبلي مان اڪثريت سان منظوري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. تفصيل موجب وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته مخالف ڌر طرفان جيڪي نالا نگران وزير اعظم جي لاءِ ڏنا ويا آهن اسان انهن سان اتفاق ناهي ڪيو ۽ جيڪي نالا اسان کي ڏنا ويا مخالف ڌر انهن سان اتفاق ناهي ڪيو. هاڻ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ خورشيد شاهه سان ملاقات ۾ نگران وزير اعظم جي لاءِ چوٿين نالي تي ڳالهيون ڪنداسين ۽ جيڪڏهن پوءِ به معاملو طئي نه ٿيو ته ٻنهي کان ٻه ٻه نالا پارليماني ڪميٽي ۾ موڪلينداسين ۽ جيڪڏهن اتي به نالن تي اتفاق نه ٿي سگيهو پر پوءِ معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ هليو ويندو ۽ هو پارليماني ڪميٽي ڏانهن موڪليل نالن مان ڪنهن هڪ جو نالو چونڊي نگران وزير اعظم جو اعلان ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي ڪابينا گئس اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا اجلاس دوران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے