17 بدھ , اکتوبر 2018

رپورٽ: حيدرآباد : سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ 72 ڪلاڪن واري بک هڙتال شروع

Hyderabad: A 72-Hour Hunger strike for freedom of people lost in Sindh started a strikeسنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءِ لاءِ مختلف شهرن ۾سياسي سماجي ڌرين جي احتجاج جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي.

حيدرآباد ۾يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي گم گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب سامهون 72 ڪلاڪن واري بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي.

 بک هڙتال ۾عطا محمد ڀنڀرو، جامي چانڊيو، تاج جويو، امير آزاد پنهور، ڊاڪٽر اشوٿاما، امداد چانڊيو، پنهل ساريو، رياض چانڊيو، حميد سنڌي، علي پلهه، آڪاش ملاح، امجد پليجو، سنڌو نواز، حمز چانڊيو، فاروق سومرو، مهيش ڪمار، سهيل ڀٽو، پنهل جمالي سميت سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾جبري گمشدگين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته سنڌ مان جبري گم ڪيل ماڻهن جي گمشدگي خلاف ڪراچي ۾ وارثن احتجاج ڪيو ته انهن کي تشدد جو نشانو بڻائي نياڻين جي تذليل ڪئي وئي، جنهن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي..ايس او ٽي…

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ جي شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ ملڪي آئين ۽ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، سنڌ مان ڊگهي عرصي کان ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي.

سندن چوڻ هو ته جن ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن انهن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهن ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ وس وارن کي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جبري گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي : ڊالڊا پاران ” منهنجو آواز تحريڪ “ تي پينل ڊسڪسشن ڪرائي وئي

*ملڪ جي مشهور فوڊ برانڊ ڊالڊا طرفان ڊجيٽل، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾“ منهنجو آواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے