15 جمعرات , نومبر 2018

دبئي جي حڪمران افطاري ورهائيندڙن رضاڪارن کي حيران ڪري ڇڏيو

Splitting the ruling party of Dubai to the volunteersدبئي(ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي نائب صدر، وزير اعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم دبئي جي روڊن ۽ چوڪن تي افطاري ورهائيندڙ رضاڪارن کي حيران ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ ويڊيو ۾ امارتن جي وزير اعظم شيخ محمد بن راشد کي بنا ڪنهن پروٽوڪول جي هڪ ساٿي سان گڏ عام ماڻهن جيان پنهنجي ڪار هلائيندي ڏسي سگهجي ٿو. ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ڪار هلائيندي سندس نظر روڊ جي ڪناري تي روزيدارن ۾ افطاري ورهائيندڙ رضاڪارن تي پوي ٿي . ملڪ جي حڪمران کي ڏسي رضا ڪار تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيا آهن، ۽ ڊوڙندا وڃي سندس ڪار ڀرسان بيهي کيس افطاري پيش ڪن ٿا. ان موقعي ته شيخ محمد بن راشد مسڪرائيندي رضاڪارن کي داد ڏنو. احسان چيريٽي ايسوسي ايشن جي چيف ايگزيڪٽو شيخ عبدالعزيز بن علي النوايمي جيڪوٽوئٽر تي”گرين شيخ“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائٽ تي ان موقعي ته ٺاهيل تصويرون ۽ ويڊيو شيئر ڪيا. شيخ محمد راشد پڻ ٽوئٽر گهڻو ايڪٽو رهندو آهي، گذريل هفتي رمضان جي ڀلاري مهيني جي آمد جي موقعي ته هن پنهنجي خاندان سان گڏ هڪ تصوير پڻ شيئر ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے