18 اتوار , نومبر 2018

چنيوٽ: واعدو ڪري ٽريڪٽر نه وٺي ڏيڻ تان پٽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

chiniot: Due to the promise of taking the tracker, the son killed the fatherچنيوٽ(ويب ڊيسڪ) چينوٽ ۾ مبينا طور تي واعدو ڪري ٽريڪٽر نه وٺي ڏيڻ تان پٽ فائرنگ ڪري پنهنجي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب چنات نگر ٿاڻي جي علائقي موضع بخش والا جي رهائشي 50 ورهين جي رياض احمد پنهنجي پٽ ڪامران کي لاباري لاءِ ٽريڪٽر وٺي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. پر فصل ۾ نقصان کائڻ سبب رياض احمد پنهنجي پٽ کي ٽريڪٽر نه وٺي ڏئي سگهيو. پوليس موجب ان ئي ڳالهه تان گذريل رات ٻنهي جي وچ ۾ جهيڙو پڻ ٿيو جنهن بعد جوابدار ڪامران ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي پيءُ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا مار ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے