20 منگل , نومبر 2018

انگلينڊ جو دورو منهنجي ڪيريئر کي وڌيڪ بلندين تي پهچائيندو: محمد عامر

The visit of England will be on my way to invite my career: Mohammad Amirلنڊن(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل بعد يقين نه هو ته ٻيهر ملڪ  لاءِ ڪرڪيٽ کيڏي سگهندس. 8 ورهيه گذرڻ باوجود اڄ به انگلينڊ ۾ ان اسڪينڊل جو آواز ٻڌجڻ ۾ اچي رهيو آهي، محمد عامر جو انگلينڊ ۾ شهرت جو سبب اڄ به اهو ئي اسڪينڊل آهي. حيران ڪندڙ طور تي پاڪستاني ٽيم انتظاميا اهڙي حساس معاملي تي محمد عامر کي انٽرويو ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، برطانوي اخبار کي انٽرويو ڏيندي محمد عامر چيو ته سندس لاءِ اهو وقت حياتي جو سڀ کان مشڪل ترين وقت هو پر پنهنجي گهروارن ۽ وڪيلن تي جو ٿورائتو آهيان جن مشڪل وقت ۾ حوصلو ڏنو ۽ گڏ بيٺا رهيا.  محمد عامر چيو ته انگلينڊ جو هي دورو سندس عالمي ڪيريئر کي وڌيڪ بلندين ڏانهن وٺي ويندو. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان طرفان آءِ سي سي چيمپيئن ٽرافيءَ ۾ اها ڪارڪردگي ڏيکاري جنهن جي ٽيم کي اميد هئي، انگلينڊ خلاف سيمي فائنل  چيلهه جي تڪيلف سبب مِس ڪيو پر فائنل ۾ پاڪستان ٽيم لاءِ ميچ وننگ اسپيل هلايو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shafiq chalks up 4,000 runs as Pakistan eyes victory

اسد شفيق جون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ چار هزار رنسون مڪمل

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽسمين اسد شفيق ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 4 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے