15 جمعرات , نومبر 2018

افغانستان ۾ طالبان جا فرياب ۽ قنڌهار چيڪ پوسٽن تي حملا، 22 اهلڪار مارجي ويا

Attack on Taliban check-ups in Taliban in Afghanistan killed, 22 killedڪابل/واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ٻن صوبن ۾ مختلف هنڌن تي طالبان جي حملن ۾ افغان فورسز جا 22 اهلڪار مارجي ويا. اختيارين موجب حملا اترين صوبي فرياب ۽ ڏاکڻي صوبي قنڌهار ۾ ڪيا ويا، فرياب جي ضلعي شيرين تگاب ۾ طالبان گذريل رات ٻن فوجي اڏن ۽ 2 چيڪ پوائنٽن کي نشانو بڻايو جنهن ۾ افغان فوج جا 13 اهلڪار ماريا ويا، جڏهن ته طالبان 25 فوجين کي يرغمال پڻ ڪري ورتو آهي. صوبي قنڌهار جي شهر اسپن بولڊڪ ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار مارجي ويا، آمريڪي فوج هلمند صوبي ۾ توپ خاني جي مدد سان طالبان جي هڪ ڪليدي سرڪش، ڪمان ۽ ڪنٽرول مرڪز تي راڪيٽ حملو ڪيو آهي.حملي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان بابت اعلان ۾ وڌيڪ تفصيل بيان ڪيا ويا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو مشهور ٺڪاڻو هو جتي ناليوارا طالبان اڳواڻ ويهڪ ڪندا هئا، هوڏانهن ڪابل ۾ گڏيل قومن جي لاءِ ڪم ڪندڙ اسٽاف جي هڪ ميمبر ۽ سندس پٽ کي آزاد ڪرايو ويو آهي، افغان شهريت رکندڙ عورت ۽ سندس نوجوان پٽ کي 22 جنوري تي اغوا ڪيو ويو هو، افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن موجب انهن جي ڪار کي اڻڄاتل هٿياربندن روڪي کين اغوا ڪيو ويو هو ، جڏهن ڪار جي ڊرائيور کي قتل ڪيو ويو هو. اختيارين چيو آهي ته افغانستان ۾ گهڻي قدر ڀنگ عوض اغوا  ڪرڻ وارا  واقعا هڪ وڏو مسئلو آهن، ليفٽيننٽ جنرل اسڪاٽ ملر جي افغانستان ۾ آمريڪا ۽ عالمي فورسز جو نئون ڪمانڊر نامزد ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اها ڳالهه ان حوالي سان ڄاڻ رکندڙ هڪ آمريڪي عهديدا آمريڪي ٽي وي کي ٻڌائي، افغانستان ۾ آمريڪي قيادت جي عالمي فورسز جي واڳون هن وقت آمريڪي جنرل جان نڪلسن وٽ آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے