17 ہفتہ , نومبر 2018

فلسطين جو خوف: اسرائيلي ڪابينا جا اجلاس زمين هيٺ ڪرڻ جو فيصلو

Fear of Palestine: Israeli Cabinet Meeting to Decideوالاريل بيت المقدس(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي حڪومت ڪابينا جا سمورا اجلاس ڪرائسس مينجيمنٽ جي زير زمين پناهگاهن ۾ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آمريڪي سفارتخاني جي بيت المقدس منتقلي تي عالمي ردعمل بعد اسرائيلي حڪومت جي وزير اعظم بينجمين نتن ياهو ڪابينا جا سمورا اجلاس ڪرائسس مينجمنٽ جي زيز زمين پناهگاهن ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن اسرائيلي انٽيلجنس جي وزير ڪاٽز چيو آهي ته آمريڪا سان گڏ ٻه طرفي سفارتي ڳالهين ۾ گولان جي پهاڙين وارو معاملو سرفهرست آهي، اسرائيلي انٽيلجنس وزير وڌيڪ چيو ته اسرائيل ٽرمپ انتظاميا تي زور ڏئي رهي آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن دوران آمريڪا ان تي اسرائيلي قبضي کي تسليم ڪري وٺندو. ٻئي پاسي فلسطين جي صحت وارو وزير ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ رام الله ويجهو ابيره ۾ آمريڪي سفارتخاني جي القدس منتقلي جي خلاف احتجاجي ريلي تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ 15 ورهين جو عدي اڪرم ابوخليل گذريل ڏينهن دم ڏنو.  فلسطين ۽ ديار مقدسه جي مفتي اعظم الشيخ محمد احمد حسين چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ٻين يهودي قوتن سان گڏجي ڪري مسلمانن جي ٽئين مقدس هنڌ مسجد اقصيٰ کي شهيد ڪري ان جاءِ تي مذموم هيڪل سليماني قائم ڪرڻ لاءِ ماحول جوڙي رهيا آهن. آمريڪا جو مسجد اقصيٰ جي جاءِ تي هيڪل سليماني جي منصوبي جو تصور قبول ڪرڻ انتهائي خطرناڪ عمل آهي، اسرائيل هيڪل سليماني کي قائم ڪرڻ واري خواب کي شرمنده تعبير ڪرڻ لاءِ آمريڪا کان مدد وٺي رهيو آهي، اسلامي دنيا کي مسجد اقصيٰ کي بچائڻ لاءِ فوري حڪمت عملي واضح ڪرڻي پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے