17 ہفتہ , نومبر 2018

اي بي ”تسي نا جائو“شعيب ملڪ جو ٽوئٽ وائرل

AB "Do not Wanna" Twit Viral of shoaib Malikلاهور(اسپورٽس نيوز) ”تسي نا جائو“ ڊيويليئرز جي ريٽائرمنٽ تي شعيب ملڪ طرفان ڪيل ٽوئٽ وائرل ٿي ويو. ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ عظيم بيٽسمين اي بي ڊيويليئرز جي طرفان عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جي اعلان تي ڪرڪيٽرن ۽ مداحن پريشاني جو اظهار ڪندي هن کان ريٽائرمنٽ وارو فيصلو واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽرن طرفان پروٽيز بيٽسمين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو . شعيب ملڪ ٽوئٽ جي ذريعي سڀ الڳ ۽ دلچسپ پيغام ڏنو، اي بي”تُسي نا جائو“ جنهن تي واهپيدارن پڻ شعيب ملڪ جو ڀرپور ساٿ ڏنو. ڪرڪيٽر آصف علي چيو ته ڊيويليئرز جهڙو رانديگر ٻيهر نه ايندو، ايتريون شاٽون شايد ئي ڪنهن وٽ هجن، هن چيو ته هون پاڻ پڻ کيس ڏسي کيڏڻ سکيو آهي. پروفيسر جي نالي سان مشهور قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر محمد حفيظ پڻ شاندار ڪرڪيٽ ڪيريئر تي اي بي ڊيويليئرز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته راند مان ڀرپور لطف اندوز ڪرڻ لاءِ سمورا موقعا فراهم ڪرڻ تي توهان جون مهربانيون، توهان آن فيلڊ مشڪل ترين مخالف ۽ بهترين انسان آهيو، محمد حفيظ اڳوڻي پروٽيز ڪپتان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan inaugurates first AstroTurf cricket stadium in Balochistan

پاڪستان جي پهرين آسٽروٽرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح

چمن ( اسپورٽس نيوز ) بلوچستان جي شهر چمن ۾ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے