19 پیر , نومبر 2018

ريس ٿري ۾ عاطف اسلم ۽ لوليا وينتر جي ڳايل گيت تي سخت تنقيد

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سلطان سلمان خان جي نئين فلم ”ريس ٿري“ ۾ عاطف اسلم ۽ سلمان خان جي دوست لوليا ونيتر جو گيت” سيلفش“  سوشل ميڊيا ته مذاق جو نشانو بڻجي ويو.  پاڪستان راڳي عاطف اسلم ۽ راحت فتح علي خان بالي دبنگ خان جا پسنديدا گلوڪار آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو سلمان خان انهن ٻنهي جو آواز پنهنجي فلمن ۾ ضرور شامل ڪندو آهي ۽ ٻنهي جا ڳايل گيت پڻ هر ڪنهن جي زبان تي هوندا آهن. سلمان خان عاطف اسلم جي آواز ۾ ڳايل گيت”سيلفش“ کي ”ريس ٿري“ جو حصو بڻايو آهي، ان گيت جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جا ٻول سلمان خان پاڻ لکيا آهن ۽ ان ۾ عاطف اسلم سان گڏ ڪنهن ناليواري ڳائڻي جي جاءِ تي پنهنجي گرل فرينڊ لوليا وينتر پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي، هو گيت سلمان خان، جيڪولين فرنينڊس، بوبي ديول ۽ ڊيزي شاهه تي فلمايو ويو آهي. گيت کي ريليز ٿيڻ سان کي تمام گهڻي موٽ ملي رهي آهي، ماڻهو عاطف اسلم جي آواز ۾ ادا ڪيل ٻول پسند ڪيا آهن پر ڳائڻي طور لوليا وينتر ماڻهن کي متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ان حوالي سان هڪ ٽوئٽر واهپيدار سلمان خان جي ٽوئٽ جي جواب ۾ گيت جي ٻولن تي تبصرو ڪندي چيو ته بند ڪيو ڀائو اها بيروزگاري جي منصوبابندي. ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن کي اهو انتهائي خراب جڏهن ته ڪجهه صارفن ان گيت ۾ لوليا وينتر جي ادا ڪيل ٻولن کي مايوس ڪندڙ قرار ڏنو، ماڻهن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عاطف ڀائو ته باهه ٻاري ڇڏي، پر لوليا وينتر گيت خراب ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے