17 ہفتہ , نومبر 2018

سياسي پارٽين لاءِ 330 چونڊ نشانن جي لسٽ تيار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين لاءِ 330 چونڊ نشانن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. چونڊ ضابطا اخلاق لاءِ سياسي پارٽين جو اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي. جانورن جو وڏو انگ چونڊ نشان طور استعمال ٿيندو جنهن ۾ شينهن، گهوڙو، زرافو، ڪڇون، سيهڙ، جهرڪي، رڍ،  طوطو، فليمنگو، ڊولفن، رڇ ۽ ماکيءَ جي مک شامل آهي.  بيٽ سميت راندين جو ٻيو سامان به چونڊ نشان جو حصو آهي.  هاڪي، گليلي، صوف، واڱڻ، بصر، پپيتو، انگور، ناريل، چنڊ، سج ۽ تارن کي به چونڊ نشانن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.  جوتي، ننهن، ننهن وڍڙي، ڦرئي، قينچي، ويل چيئر، ماچيس ۽ چاقو به چونڊ نشان ۾ شامل ڪيو ويو آهي. رباب ۽ گٽار سميت ڪافي موسيقيءَ جي شين کي به چونڊ نشان طور استعمال ڪري سگهبو. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن سمورن سياسي پارٽين جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اجلاس ۾ عام چونڊن جي حوالي سان ضابطا اخلاق کي آخري سڪل ڏن يويندي. ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين کي خط لکي ڇڏيو آهي ۽ ضابطا اخلاق جي ڪاپي به موڪلي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے