16 جمعہ , نومبر 2018

ماحولياتي تبديلين بابت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: شيري رحمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي سبب متاثر ملڪن جي لسٽ ۾ ستين نمبر تي آهي.  سينيٽ ۾ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي طرفان موسمياتي تبديلين بابت ڪاڪس جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي. شيري رحمان کي ئي ڪاڪس ڪاڪس براءِ موسمياتي تبديلي جي چيئر پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. شيري رحمان ايوان کي ٻڌايو ته هي فورم موسمياتي تبديلين جي حوالي سان مسئلن تي غور ڪندو  ۽ مسئلي جي حل لاءِ حڪومت کي تجويزون پيش ڪندو.  هن چيو ته پاڪستان کانسواءِ سموري دنيا گلوبل وارمنگ ۽ ماحولياتي تبديلين تي ڪم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سينيٽ ۾ معاملي تي ڪيترائي ڀيرا ڌيان ڇڪايو ويو پر ماحولياتي تبديلي تي حڪومت جو ڪو به ڌيان ناهي.  شيري رحمان چيو ته وڏو امڪان آهي ته ماحولياتي تبديليون سيڪيورٽي رسڪ بڻجي وينديون جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ماحولياتي تبديلي ڪاڪس فعال ڪردار ادا ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے