18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: شهدادڪوٽ: بوائز ڊگري ڪاليج جي  پرنسپال مٿان ڪيل حملي خلاف احتجاج

Shahdadkot: The protest against the attack on the upper class of Principal*شهدادڪوٽ ۾ ھڪ ڏينهن اڳ جوابدارن پاران بوائز ڊگري ڪاليج جي  پرنسپال احمد نواز ڪنگو مٿان ڪيل حملي خلاف احتجاج ڪيو ويو .

 سياسي سماجي اڳواڻن  پروفيسر سرور قريشي,گل محمد شاه بخاري,ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ ۽ اسلم بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽوموٽو چوڪ تي  ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهدادڪوٽ جي هڪ وڏي درسگاهه  جي سربراهه تي ڪيل حملو ان ڳالهه جو ثبوت آھي ته جوابدار انسان دشمن هئڻ سان گڏ تعليم دشمن به آھن.

هنن وچن ڪيو ته تعليم دشمن عنضرن جي ناپاڪ سازشن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو .

ھنن پوليس  ۽ انتظاميه کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن پوليس 24 ڪلاڪن اندر حملي ۾ ملوث   جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے