15 جمعرات , نومبر 2018

ريلوي ۾ هر سياسي پارٽي جي سوچ رکندڙ اسوسيئيشنز آهن: سعد رفيق

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ريلوي ۾ هر سياسي پارٽي جي سوچ رکندڙ اسوسيئيشنز آهن، محنت ڪشن پوري نيت سان اسان سان سهڪار ڪيو، اسان جو 5 سالن وارو مدو پورو ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن باقي آهن، ادارو هن وقت 50 ارب رپين جي ريونيو کي ڇُهي رهيو آهي يقين آهي جيڪا ليڊرشپ ڇڏي وڃي رهيو آهيان اها ريلوي کي سڌو رکندي. ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ريلوي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي دور ۾ ريلوي ۾ ترانسفر، پوسٽنگ ۽ ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون آهن، مڪالمو هميشه ڪو نه ڪو رستو ڪڍندو آهي، هاڻ ريليو ۾ ڪو به گهوسٽ پينشرن ناهي، هتي هاڻ رهتون وقت تي ادا ڪيون وينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پينشن ۽ پگهار جو وڏو مسئلو هو جيڪو حل ٿي چڪو آهي. ان جي لاءِ وزير اعظم پيڪيج ريليف مليو جنهن جي ڪري  10 ارب 74 ڪروڙ رپين جو اثر پيو. ريلوي واري وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ريلوي ۾ ڊائننگ ڪارن جي حالت خراب هئي پر محنت ڪشن سڄي نيت سان اسان سان سهڪار ڪيو جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان. آئن لائن ٽڪٽنگ اسان جو خواب هو جيڪو مڪمل ٿيو. سعد رفيق وڌيڪ چيو ته ريلوي ۾ هر سياسي پارٽي جي سوچ رکندڙ ايوسيئيشنز آهن، اسان جو پنجن سالن وراو مدو پورو ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن باقي آهن، ادارو هن وقت 50 ارب رپين جي ريونيو کي ڇُهي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے