15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: پٿورو: آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ٽئين ڏينهن احتجاج

Pathoro: protesters protest three days protest against water shortageپٿوري ۾ آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

کاهي شاخ تي نارا ڪينال جو انجنيئر غلام مصطفيٰ جي پهچڻ تي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو.

آبادگارن جو چوڻ هو ته کاهي شاخ ۾ ڊگهي وقت کان پاڻي نه اچڻ سبب پيئڻ جو پاڻي به ميسر ناهي.

هنن چيو ته هو پاڻي کوٽ خلاف ٻن مهينن کان احتجاج ڪري ٿڪجي پيا آهن، ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

سندن چوڻ هو ته شاخ جي منڍ ۾ بااثر زميندار  مشينون لڳائي کُلي عام پاڻي کڻي رهيا آهن، جن خلاف ڪير به ڪارروائي نٿو  ڪري.

هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب هڪ پاسي سندن فصل تباهه ٿي رهيا آهن ته ٻي پاسي هو ۽ چوپايو مال اڃ وگهي تڙپي رهيا آهن.

آبادگارن مطالبو ڪيو ته پاڻي کوٽ ختم ڪري کين ترت پاڻي جي فراهم ڪن.

ان موقعي تي انجنيئر غلام مصطفيٰ آبادگارن کي مسئلي جي حل جي خاطرائي ڪرائي…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڇور: نهڙي برادري جي ماڻهن پاران انتقامي ڪاررواين خلاف احتجاج

ڇور ۾ سياسي بنيادن تي اڏاوتون ڍاهڻ خلاف نهڙي برادري جي ماڻهن پاران احتجاج ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے