17 بدھ , اکتوبر 2018

عمران خان جي لاهور ۾ ضمانت ضبط ڪرائينداسين: حمزه شهباز

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ جي مرڪزي اڳواڻ حمزه شريف چيو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ ٻوڏ آئي هئي تڏهن عمران خان ڪنٽينر تي چڙهيل هو. حمزه شهباز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀني گڏجي لاهور ۽ پنجاب سان ڊينگي جو خاتمو ڪيو، پر پشاور ۾ ڊينگي آيو ته عمران خان جبلن تي هليو ويو، اِها ڪهڙي قيادت آهي.  هن چيو ته ڌرڻي پلس وقت ڪارڪن عمران خان کي ڳولهي رهيا هئا، عمران خان 2 مهينا رهجي ويا آهن، توهان کي چونڊن ۾ اسان ڪلين بولڊ ڪنداسين، شهباز شريف اورنج ٽرين به لاهور ۾ هلائي ڇڏي آهي، سوات موٽر وي جو 10 ڪلو ميٽر کان اڳتي روڊ ئي ناهي. حمزه شهباز جو چوڻ هو ته عمران خان مينار پاڪستان تي چڙهي 100 ڏينهن جو پروگرام ڏئي رهيو آهي، عمران خان 5 سالن ۾ ڪجهه به نه ڪيو هاڻ 100 ڏينهن جو پروگرام ڏيڻ سان ڀلا ڇا حاصل ٿيندو، عوام توهان کي سمنڊ اڇلي ڇڏيندو. حمزه شهباز دعويٰ ڪئي ته سڄي پاڪستان ۾ مسلم ليگ کٽيندي، عمران خان جي لاهور ۾ ضمانت ضبط ڪرائينداسين، پي ٽي آءِ کي شڪست ملندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Srinagar: More than three Kashmiri martyrs of the Indian Army

سرينگر: قابض ڀارتي فوج جي هٿان وڌيڪ 3 ڪشميري شهيد

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے