18 جمعرات , اکتوبر 2018

جي يو آءِ (ف) جو فاٽا کي ضم ڪرڻ خلاف ڌرڻي جو اعلان

پشاور(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام خلاف ڌرڻو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام واري بل جي منظوري تي جي يو آءِ (ف) احتجاجي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ پشاور ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. جي يو آءِ (ف) 27 مئي تي پشاور ۾ صوبائي اسيمبلي جي ٻاهران ڌرڻو هڻندي جنهن جي لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي جي يو آءِ ڪارڪنن کي آچر جي ڏينهن اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي سامهون گڏ ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جو آسٽريليا کي ٽيسٽ سيريز کٽڻ لاءِ 538 رنسن جو جبل جيڏو ٽارگيٽ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ آسٽريليا کي 538 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے