13 منگل , نومبر 2018

ڳئون جو کير، ٿلهن ٻارن کي شگر جي کان بچائيندو آهي: ماهر

Cowboys protect children from thieves: Expertهوسٽن(ويب ڊيسڪ)ٻارن ۾ ٿلهه هن وقت سموري دنيا ۾ اهم مسئلو بڻيل آهي، اهڙا ٻار اڳتي هلي شُگر، بلڊ پريشر ۽ ميٽابولڪ سنڊروم جو شڪار ٿي ويندا آهن. ان سلسلي ۾ يونيورسٽي آف ٽيڪساس ۾ هليٿ سائنس سينٽر جي ماهرن چيو آهي ته جيڪڏهن ٿلهه جو شڪار ٿيل ٻارن کي روزانو ٻه گلاس ڳئون جي ڪنهن به قسم جي کير ڏنو وڃي ان نه رڳو ٻارن ۾ انسولين جو انجذاب بهتري ٿيندو پر اڳتي هلي رت جي ۾ مٺاڻ جي مقدار تي پڻ ڪنٽرول رهندو آهي. ان سروي جي تفصيل ويانا ۾ يورپين ڪانفرنس آن اوبيسٽي ۾ پيش ڪيا ويا آهن جنهن سان ٻارن ۾ کير پئيڻ جي اهميت کي وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي. خوراڪ جي ماهر ڊاڪٽرن يافي ٻڌايو آهي ته رزواني کير پيئڻ جي عادت ٻارن کي ميٽابولڪ سنڊروم کان نجات ڏياريندي آهي. هن اعتراف ڪندي چيو آهي ته سروي ۾ شامل رڳو ڏهه ٻار ئي اهڙا هئا جيڪي کير جي مقداري گهرج موجب واپرائي رهيا هئا. ڊاڪٽر مائيڪل ٻڌايو ته والدين کير کي ٻارن جي لاءِ هاڃيڪار سمجهڻ لڳا آهن، ان لاءِ اسان جو کين اهو پيغام آهي ته هو ٻارن کي کير پيارڻ کان نه لهرائن ۽ هر عمر جي ٻار کي کير جي خوراڪ ضروري ڏين. ان کا اڳ ماهرن انڪشاف ڪيو هو ته وڏي عمر وارن کي به کير جو استعمال ان ڪيعفيتن کان بچائيندو آهي، پر هاڻ اها ڳالهه ٿلهه جي شڪار ٻارن ۽ نا بالغ ٻارن لاءِ پڻ ثابت ٿي چڪو آهي، سروي ۾ 353 ٿلهن ٻارن ۽ نابالغ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو ۽ ٻن ورهين تائين انهن جو جائزو ورتو ويو جن جي عمر 3 کان 18 ورهين هئي. ان دوران فاسٽنگ انسولين کي پڻ شروع ۾ نوٽ ڪيو ويو. انهن مان هڪ ٿائي هسپانوي ٻار هئا جڏهن ته ڇوڪرين ۾ کير پيئڻ جو مقدار ڇوڪرن کان به گهٽ هو.  انهن مان جن ٻارن مقرر حد کان گهٽ کير واپرايو انهن ۾ فاسٽنگ انسولين جو شرح باقين جي مقابلي ۾ گهٽ هو، ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته کير جي باقائدا استعمال سان ٻارن ۾ ميٽا بولڪ سنڊروم ۽ شُگر جي بيمارين کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Your Sleep Schedule Might Be Messing With Your Hydration Levels

رات جو ننڊ نه ڪندڙ ڪهڙين بيمارين جو شڪار ٿين ٿا؟ : تحقيق

نيويارڪ/بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به شخص لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے